راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي رهائشگاهه لال حويلي کي ڌمڪي واري ڪال وصول ٿي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڌمڪي واري ڪال لال حويلي جي لينڊ لائن نمبر تي وصول ٿي آهي. شيخ رشيد وارث خان ٿاڻي ۾ قانوني ڪارروائي لاءِ درخواست جمع ڪرائي، جنهن تحت کيس ڌمڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، قلم 25 ڊي جا قلم لاڳو ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد شيخ رشيد کي ڌمڪي واري ڪال جي پوليس جاچ به شروع ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ان کان اڳ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان به چيو هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪالز تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن.