مون تي 2 ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو؟ ڇا شهباز کان ڪجهه سوال پُڇي سگهان ٿو؟عمران خان

0
260
مون تي 2 ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو؟
مون تي 2 ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو؟ ڇا شهباز کان ڪجهه سوال پُڇي سگهان ٿو؟عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون تي 2 ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو؟ ڇا شهباز شريف کان ڪجهه سوال پُڇڻ جي جسارت ڪري سگهان ٿو؟

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ٽوئيٽ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف کان سوال ڪيا آهن

 عمران خان سوال ڪيو آهي ته ڇا هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان پاڻ تي حملن جي ذميوارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو حق آهي؟ مون کي ڪيس داخل ڪرڻ واري آئيني ۽ قانوني حق کان ڇو محروم ڪيو ويو؟

عمران خان لکيو ته شهباز شريف سوالن جا سچا جواب ڏئي ته طاقتور ماڻهو ۽ اُن جي ساٿين جو پتو پئجي ويندو، ڇا اهي فوجي آفيسر قانون کان مٿانهان آهن؟

سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي سوالن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته حق رڳو آئين ۽ قانون تحت آهن، هر شهري کي پنهنجي حقن جي تحفظ جو پورو حق آهي، آئيني حق ٽوئيٽر، جلسن ۽ ريلين تي نه ملندا آهن، اُن لاءِ هر شهري ٿاڻي يا عدالت وڃي ثبوت ڏيڻ جو پابند آهي

هن کي به پڙهندا

عمران خان جا هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام قابل مذمت ۽ ناقابل برداشت آهن: پاڪ فوج