سنڌ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ جعلي ڊوميسائيل استعمال ڪرڻ جو انڪشاف، اميدوار تي ايف آءِ آر داخل

0
262
سنڌ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ جعلي ڊوميسائيل استعمال ڪرڻ جو انڪشاف
سنڌ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ جعلي ڊوميسائيل استعمال ڪرڻ جو انڪشاف، اميدوار تي ايف آءِ آر داخل

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ جعلي ڊوميسائل استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جي هدايتن تي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي جعلسازي ڪندڙ 7 اميدوارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دوکيبازي ۽ فراڊ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس يو ۾ ڪانسٽيبلز جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو، ڀرتين لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي لازمي هئي، ٽيسٽ پاس ڪندڙن جا انٽرويو ڪيا ويا، اميدوارن جا ڪاغذ تصديق لاءِ اماڻيا ويا

متن موجب جاچ پڙتال دوران 7 اميدوارن جا ڊوميسائل لاڳاپيل آفيسن جعلي قرار ڏنا، جعلي ڪاغذن ذريعي نوڪري حاصل ڪرڻ ڏوهه آهي

پوليس موجب جعلسازي ڪندڙن ۾ وقاص، اختر علي، اڪبر، نعيم، نبيل، عشرت ۽ شهزاد شامل آهن