عمران خان جا هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام قابل مذمت ۽ ناقابل برداشت آهن: پاڪ فوج

0
169
عمران خان جا هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام قابل مذمت ۽ ناقابل برداشت آهن: پاڪ فوج
عمران خان جا هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام قابل مذمت ۽ ناقابل برداشت آهن: پاڪ فوج

پاڪ فوج پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي الزامن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان جا هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام قابل مذمت ۽ ناقابل برداشت آهن

آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حاضر سروس فوجي آفيسر تي ثبوتن بنا الزام لڳائڻ انتهائي غير ذميواراڻو عمل آهي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين پاران ثبوتن کانسواءِ هٿ ٺوڪيا ۽ بي بنياد الزام هنيا ويا

آءِ ايس پي آر موجب گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسرز کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي، لاڳاپيل سياسي اڳواڻن کي چئون ٿا ته ثبوتن کانسواءِ الزام لڳائڻ بند ڪيو وڃي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب سياسي اڳواڻ ڪوڙا الزام هڻن بدران قانوني دڳ اختيار ڪن

هن کي به پڙهندا

مون تي 2 ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو؟ ڇا شهباز کان ڪجهه سوال پُڇي سگهان ٿو؟عمران خان