مورو: ڪڻڪ اسمگل ڪندڙ 4 ٽرالر سوگها

0
294

مورو: باء پاس تي فوڊ کاتي ڪارروائي ڪندي ڪڻڪ اسمگل ڪندڙ 4 ٽرالر سوگھا ڪري ڪڻڪ جون 2000 ٻوريون مورو گودام تي آڻي ضبط ڪري ڇڏيون. ٽرالر شڪارپور، ڪرمپور ۽ خيرپور کان ڪڻڪ کڻي وڃي رھيا ھئا. خوراڪ کاتي جي عملدارن چيو ته قلم 144 لاڳو ھجڻ باوجود واپاري ڪڻڪ ٻاھر منتقل ڪري رھيا آھن جيڪا غير قانوني آھي ۽ ھرگز ٻاھر منتقل ڪرڻ نہ ڏينداسين.