شڪارپور ۾ جسقم چيئرمين جي گرفتاري خلاف مظاهرو

0
256

شڪارپور: جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سميع بلالي جي اڳواڻي ۾ شڪارپور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن صنعان خان قريشي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته بحريا ٽائون انتظاميه مسڪين ماڻھن جي ڳوٺن تي قبضو ڪري ڏاڍ ڏمر سان ڳوٺ خالي ڪرائي دنيا کان تڙيل ڌاريا آباد ڪرڻ لاء بحرياٽائون آباد ڪيو، اسان انھي عمل کي سمجھون ٿا ته سنڌ سرڪار بحريا انتظاميا گڏيل طور صنعان خان کي کنڀي گم ڪيو آهي. هنن گهر ڪئي ته صنعان خان سميت قوم پرست ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.