ڀارتي ڪمپنين سان معاهدو نٿا ڪري سگهون، پاڪ-انگلينڊ ڪرڪيٽ سيريز نشر نه ٿيندي: فواد چوڌري

0
264

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته قومي ٽيم ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز پاڪستان ۾ ٽيليڪاسٽ نه ٿيندي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته سرڪاري ٽي وي، اسٽار ۽ ايشيا کان ڪرڪيٽ ڪانٽريڪٽ گهريو آهي، هندستاني ڪمپني سان معاهدي لاءِ رياستي ٽي وي جي درخواست منظور نه ڪئي وئي آهي، اسان ڪنهن به ڀارتي ڪمپني سان معاهدو نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جا سمورا حق هندستاني ڪمپنين وٽ آهن ، تنهن ڪري پاڪستان انگلينڊ ڪرڪيٽ سيريز کي ٽيليڪاسٽ نه ڪيو ويندو پر انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سان وچون رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيئن پي سي بي ۽ سرڪاري ٽي وي کي نشريات نشر نه ٿيڻ تي نقصان نه ٿئي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز 8 جولاءِ کان شروع ٿيندي ، جنهن ۾ ٽي ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچ شامل آهن.