مورو (ن پ ا) مورو ويجھو درگاهه دلبر آباد وٽان درس شاخ کي 30 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنھن جي اطلاع ايريگيشن انتظاميا کي ڏني وئي، ايريگيشن عملو بروقت نه پھچڻ سبب شاخ جو پاڻي گھرن ۽ ڪڻڪ جي فصل ۾ داخل ٿي ويو، علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف. ان موقعي تي متاثرن حافظ محمد رمضان کوکر، علي اڪبر ڀٽو، محمد ياسين ڀٽو، وزير علي ڀٽو ۽ ٻين چيو ته اسان جي درس شاخ ۾ ايريگيشن انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان گٽرن جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آھي جنھن سبب گھارا معمول بڻجي ويا آھن، شاخ کي گھاري پوڻ سبب شاخ ۽ گٽرن جو گندو پاڻي درگاھ دلبر آباد جي احاطي ۾ پڻ داخل ٿي ويو آھي، شاخ ۾ گٽرن جو پاڻي هئڻ سبب مال متاءَ پاڻي پيئڻ سبب مري رهيو آھي ۽ بيماريون پڻ پکڙجي ويون آھن، اسان بار بار شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو تدارڪ ناھي ڪيو ويو ء شاخ جا ٻنھي پاسن جا ڪپر پڻ ڪمزور آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته شاخ کي پڪو ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. ھوڏانھن ايس ڊي او ايريگيشن عبدالخالق لاکو ڪرين مشين ساڻ ڪري گھاري واري ھنڌ پھتو ۽ گھاري کي بند ڪرائي ورتو. ھن چيو ته اسان جي طرفان پبلڪ ھيلٿ کي گٽرن جي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪا اجازت ناھي زوريءَ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آھي، جنھن خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪرائي ويندي.