ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا ڪرينا ڪپور جي ننڍي پٽ جي تصوير غلطي سان ليڪ ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا ڪرينا ڪپور جي ننڍي پٽ جي تصوير سوشل ميڊيا تي غلطي سان ليڪ ٿي وئي آهي. اداڪاراعورتن جي ڏهاڙي تي ننڍي پٽ سان گڏ نڪتل هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي پر ڪرينا ڪپور ان تصوير ۾ پنهنجي پٽ جو منهن لڪائي ڇڏيو هو. هاڻ سندس والد رنڌيرڪپورڏوهٽي جي تصوير شيئرڪئي پر بعد ۾ جلد ئي ڊليٽ ڪري ڇڏي تنهن هوندي به اها وائرل ٿي وئي.