باڊھه (ن پ ا) باڊهه ۾ خوراڪ کاتي جي سينٽرن تي ڪڻڪ جي خريداري اڃا تائين شروع نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري آبادگار 16 سئو کان 17سئو رپيا في مڻ ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، ان ڏس ۾ آبادگارن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آھي پر سرڪار اڃا تائين خريداري شروع ناهي ڪئي، هنن چيو ته گھٽ اگهه تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ سبب فصل جي پوکي تي ڪيل خرچ به مشڪل سان ٿو نڪري، مٿان وري برساتن پوڻ جي امڪان به ويتر پريشان ڪري ڇڏيو آھي. آبادگارن گهر ڪئي ته فوري طور سرڪاري سينٽرن تي ڪڻڪ جي خريداري جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. ٻئي طرف خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته گهربل باردانو نه ملڻ ۽ حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سنڌ بئنڪ کي رقم جاري نه ڪرڻ سبب ڪڻڪ خريداري ۾ دير ٿي آهي.