ڪراچي (رپورٽ:صدام ڪولاچي) سنڌ جَي مهاڻن جي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ابراهيم حيدري ڪراچي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ناراض اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي ڌار آفيس جو افتتاح ڪندي فشر فوڪ فورم ۾ ڌڙا بندي جو اعتراف ڪيو. مصطفيٰ ميراڻي دعويٰ ڪئي ته  چيئرمين سڏائيندڙ مهراڻ شاهه پاڪستان فشر فوڪ جي اڳوڻي چيئرمين محمد علي شاهه جي دور ۾ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، تنظيم جي آئين موجب جيڪو ماڻهو نوڪري ڪندو آهي، اُهو تنظيم جو عهديدار نٿو ٿي سگهي. مصطفيٰ ميراڻي دعويٰ ڪئي ته پاڪستان فشر فوڪ فورم اسان جو جوڙيل آهي، محمد علي شاهه جي وڇوڙي بعد مون کي چيئرمين چونڊيو ويو هو، مرحوم محمد علي شاهه جو پٽ مهراڻ علي شاهه پاڻمرادو ۽ غيرقانوني طور چيئرمين سڏائي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ميراڻي چيو ته تنظيم ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي آهي، هاڻ مهاڻا فيصلو ڪندا ته اُهي ڪهڙي ڌڙي وٽ پنهنجا مسئلا کڻي ٿا اچن، ڪارڪردگي ئي ا مستقبل جو تعين ڪندي. هن چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين شپ واري مامري تي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، اميد ته اسان کٽينداسين. هڪ سوال جي جواب  ۾ مصطفيٰ ميراڻي چيو ته مهراڻ شاهه ۽ سندس ٽيم ۾ شامل ڪنهن به ماڻهو ساڻس رابطو ناهي ڪيو، ڳالهين جا دڳ کُليل آهن.