جروار (ن پ ا) جروار ۾ عورت جو انصاف نه ملڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پوليس ۽ جوابدار خلاف احتجاج، انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب جروار جي بوزدار محلي جي رهواسڻ مڊوائيف رضيه سومرو پريس ڪلب پهچي  احتجاج ڪندي دانهيو ته هڪ هفتو اڳ اربيلو ٿهيم دوستي نه رکڻ تي اغوا جي ڪوشش ڪئي، ان دوران منهنجا ڪپڙا ليڙون ليڙ ٿي ويا. جروار ٿاڻي تي اغوا ڪيس به داخل ڪرايو آھي پر جوابدار کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. الٽو جوابدار سوشل ميڊيا تي فيڪ آءِ ڊيز ٺاهي بدنام ڪري ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. جوابدار بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ته مڙس کان طلاق وٺي مون سان شادي ڪر. جروار ٿاڻي جو اي ايس آءِ شيرخان بوزدار جوابدار جو ساٿاري بڻيل آهي. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ته مجبور ٿي ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.