لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي 21 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي.  لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنز ٺاهيون. سيم بلنگس 54 ۽ عبدالله شفيق 48 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ملتان سلطانز طرفان انور علي، احسان الله، عباس آفريدي ۽ ڪيرون پولارڊ 2-2، جڏهن ته سمين گل هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنز ٺاهي سگهي. ملتان سلطانز طرفان ڪيرون پولارڊ 39 ۽ محمد رضوان 30 رنز ٺاهي نمايان رهيا. لاهور قلندرز طرفان راشد خان بهترين بالنگ جو مظاهرن ڪندي 4 اوورن ۾ 15 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.