ڪراچي: پاڪستان فشر فوڪ فورم مهراڻ شاهه ڌڙي جي جنرل سيڪريٽري رمضان ملاح ٻڌايو ته مصطفيٰ ميراڻي ۽ سندس ساٿي تنظيم کي ورهائڻ جي سازش ۾ رڌل آهن، اسان کين ميمبر ئي تسليم نٿا ڪريون. هن ٻڌايو ته محمد علي شاهه طرفان جوڙيل گورننگ باڊي مهراڻ شاهه کي چيئرمين چونڊيو، مصطفيٰ ميراڻي 14 مهينا ڪٿي هو، اوچتو ڇو ظاهر ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته مصطفيٰ ميراڻي ۽ سندس ٽيم ۾ شامل پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳوڻن عهديدارن تنظيم سان بغاوت ڪئي آهي، گورننگ باڊي جو اجلاس سڏائي مامري جو جائزو ورتو ويندو.