سيوھڻ(ن پ ا) شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان صوبي سنڌ پاران سيوھڻ سيوھڻ سانحي جي شھيدن جي ڇھين ورسي جي حوالي سان سيوھڻ ۾ درگاهه قلندر جي مزار تي گولڊن گيٽ سامھون “سيوھڻ جا شھيد ۽ استحڪام پاڪستان ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي منعقد ڪيل ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيل ھزارين عقيدتمندن کي ٽيلفونڪ خطاب ڪندي قائد ملت جعفريا پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي سيوھڻ سانحي جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪي معاشي صورتحال ابتر آهي ان ڪري وي آئي پي ڪلچر ختم ڪري سادگي اختيار ڪئي وڃي معاشي ٻوجھ غريب عوام تي وجھڻ بجاء مٿاھين طبقي تي وڌو وڃي ۽ 10 سالن لاء پلان ترتيب ڏئي ٽيڪسن جي نظام ڍي بھتر ۽ شفاف بنايو وڃي. ڪانفرنس کي شيعا علماء  ڪائونسل پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه شبير احمد ميثمي ۽ صوبائي صدر سنڌ علامه سيد اسد اقبال زيدي خطاب ڪندي چيو ته سيوھڻ سانحي کي 6 سال گذرڻ باوجود ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي آهي درگاھن تي ان قسم جا واقعا عقيدت تي حملو آهي اڄ جو عظيم الشان جلسو ان ڳالهه جو دليل آهي ته اسان پنهنجي وطن جي استحڪام ۽ عقيدت تي ڪنهن قسم جي قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه ھٽنداسين.