خانپور (رپورٽ: صفي الله سيٺار) ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر پھوڙ مان 2 ڏينھن اڳ گم ٿيل نوجوان خليل پھوڙ جو لاش بيگاري واھ مان ھٿ آيو. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غلام قادر بروھي، يو سي پير بخش شجراع چيئرمين مولانا نورمحمد پھوڙ، مقتول جي وارثن محمد حيات پھوڙ ، شمس الدين پھوڙ، ذڪريا پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي روڊ بند ڪري ناپر ڪوٽ ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. ڊي ايس پي خانپور بدرالدين ڀٽو مظاھرين کي ڪيس داخل ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي فوتي خليل پھوڙ جي والد نظر محمد جي فرياد تي مير حسن پھوڙ، امتياز پھوڙ، راول پھوڙ ۽ مشتاق پھوڙ سميت 2 نامعلوم جوابدارن ٽوٽل 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي، نوجوان جو لاش خانپور اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.