حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران ڊجيٽل آدمشماري، مھانگائي، پاڻي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ 3 کان 21 مارچ تائين شارٽ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شيڊول مطابق 3 مارچ تي مڪلي کان ٺٽي پريس ڪلب تائين، ڪڙيو گھنور کان گولاڙچي، 4 مارچ تي غوثپور کان ڪنڌڪوٽ، گلشن حديد کان عوامي پريس ڪلب ميمڻ ڳوٺ، فسادي واھ قاسم آباد کان سحرش نگر، سنجر چانگ کان چمبڙ شهر، ڳموري اسٽاپ کان عمرڪوٽ پريس ڪلب، ڀنڀرا اسٽاپ کان شھدادپور، 6 مارچ تي ڪوٽڙي، ميھڙ کان ڪي اين شاھ، 7 مارچ تي خانپور کان شڪارپور، نصيرآباد کان وارھ، 8 مارچ تي، 19 مارچ تي فضل ڀنڀرو کان نئون ڪوٽ، عمرڪوٽ، جھوڪ کان بٺورو، 20 مارچ تي سٺيا اسٽاپ کان ٽنڊو محمد خان، ڀٽ شاھ گيٽ کان تنبورا چوڪ ڀٽ شاھ ۽ 21 مارچ تي اسلام ڪوٽ، ڳڙھي خيرو، پريس ڪلب ھنڱورجا کان راڻيپور، 72 موري کان نوابشاھ ۽ سرور خان عالماڻي کان ڏيپارجا تائين شارٽ مارچ ڪيو ويندو.