ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي ايس ايس پي ملير پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪرڻ تي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان 7 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ملير جي ايس ايس پي (انويسٽيگيشن) پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ملڪ مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي جي قلمن تحت 27 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالت ايس ايس پي ملير کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هدايت ڪندي چيو ته درخواستگذار پاران جيڪا قانوني نقطا کنيا ويا آهن، انهن جو جواب ڏنو وڃي، درخواستگذار ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو موقف اختيار ڪيو ته هڪ واقعي جي ايف آءِ آرز ۾ هزارين شهرين کي نامزد ڪيو ويو، آئون ڪاليجي پروفيسر آهيان، مون تي به هشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هاڻ آئون دهشتگرد به سڏجندس، هن وڌيڪ چيو ته سموريون انڪوائريون پيپلز پارٽي جي سرپرستي ۾ ٿي رهيون آهن، 200 ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن، اسان جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، هن وقت تائين ڪنهن ڪيس جو چالان پيش ناهي ٿيو ۽ نه ئي وري هن وقت تائين ڪنهن گرفتار شهري خلاف ڪو ثبوت پيش ڪيو ويو آهي، درخواستگذار چيو ته پوليس کي سڀ اختيار ڏئي نٿا سگهجن ته جنهن کي چاهين، واڙي ڇڏين، هن وقت سنڌ پوليس کي خالي چيڪ ڏنو ويو آهي ته جنهن کي اندر ڪرڻو اٿئو ڪري ڇڏيو، بحريا واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.