حڪومت پاران قومي اثاثا گروي رکي سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ ۽ قرض وٺڻ جو فيصلو

0
422

اسلام آباد: وفاقي حڪومت قومي اثاثا گروي رکي سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ ۽ قرض وٺڻ جو فيصلو آهي. ذريعن موجب ، سُڪوڪ بانڊز جي جاري ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي قرضن لاءِ سرڪاري اثاثن کي گروي رکڻ جي سمري آخرڪار وفاقي ڪابينا منظور ڪري ورتي آهي. سمري موجب ، سڪوڪ بانڊ جاري ڪيا ويندا ، قرض ورتو ويندو ۽ موٽ ۾ اسلام آباد ، لاهور ۽ ملتان ايئرپورٽ ، ايم 3 ۽ اسلام آباد چڪوال موٽر ويز گروي رکيون وينديون. ذريعن موجب ، سرڪاري اثاثن کي گروي رکڻ سان ٻين ذريعن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وياج جي شرح تي قرض حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. ان کان پهريان ، وفاقي ڪابينا 26 جنوري تي ايف نائن پارڪ جي گروي واري منصوبي کي رد ڪري چڪي هئي ۽ 244 ايڪڙ اسلام آباد ڪلب کي گروي وارو منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪي هئي. ذريعن موجب ڪاموراشاهي اسلام آباد ڪلب بدران ايئرپورٽس، موٽرويز ۽ ايڪسپريس وي کي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.