ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز جا ڇاپا، بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ باهيون ڏيڻ جي الزام هيٺ 5 قومپرست ڪارڪن گرفتار، سي سي ٽي وي فوٽيج به جاري، ان ڏس ۾ رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي بحريا ٽائون آڏو احتجاج دوران باھيون ڏيڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ 5 قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل امير عباسي، معشوق علي، شفقت عرف ڪامريڊ ديشي، پرويز آريجو ۽ حيدر عباس بحريه ۾ ڦرلٽ، باھيون ڏيڻ ۽ خوف ڦھلائڻ ۾ ملوث آھن. ترجمان موجب صنعان خان قريشي، پرويز ٻگھيو، عبدالرئوف ڪاٺيو، حبيب گولو، علي حسن پليجو ۽ صدرالدين ٿھيم کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو ھو. رينجرز ترجمان موجب جوابدار منصوبابندي تحت ساٿين سان گڏجي بحريه ۾ داخل ٿيا، جوابدارن جي ھٿ ۾ لوھي پائيپ، باھ ڏيندڙ مواد ۽ ڏنڊا ھئا، جوابدارن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي