سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ڳوٺ حسين ڪالرو واسي مبينا اغوا ٿيل نوجوان پورھيت ايسر ڀيل جو ڪيس ھفتو گذرڻ باوجود داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مغوي جي پيءُ وشنو ڀيل ٻڌايو ته هو انتهائي مسڪين ماڻهو آهن، اٽو وٺڻ جا پئسا به ناھن، ڀنگ جا 15 لک ڪٿان آڻينداسين، هن چيو ته پٽ کي موٽرسائيڪل وٺڻ جا آسرا ڏئي سکر موڪلندڙ ۽ اغوا ڪرائيندڙ اسان جي پاڙيسري مير حسن شر کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، ھوڏانھن زميندار عباس ڪالرو ٻڌايو ته ايسر سندس ھاري آھي، پوليس چوي ٿي ته اسان جي حد ۾ ڏوھ ناھي ٿيو، ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي،