ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ۾ مھينو اڳ مبينا طور قتل ٿيل شادي شده عورت ناديا نائچ ڪيس ۾ نامزد ٻن  عورتن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ميرپورماٿيلو پوليس مقتولا ناديا جي سس زرينا نائچ ۽ ڏيرياڻي شائستا نائچ کي گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو جي عدالت ٻاھران گرفتار ڪري ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي منتقل ڪيو. جڏھن ته مقتولا ناديا نائچ جي ٽن ورھين جي نياڻي حورين کي پڻ ھٿ ڪري ناديا جي وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رھي ته ميرپورماٿيلو جي شاھ فيصل ڪالوني ۾ مھينو اڳ ناديا نائچ کي ساھرن مبينا طور قتل ڪري لاش ڪمري اندر پکي ۾ ٽنگي چڏيو ھو، ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ناريءَ جو قتل ڪيس مڙس آصف ٻن ڏيرن طارق، شعيب نائچ، سس زرينا ۽ ڏيرياڻي شائستا مٿان داخل ٿيل آھي.