مسوڀرڳڙي (ن پ ا)  مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ صالح دل جي رهواسين پاران هفتو گذرڻ باوجود برساتي  پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. سياسي سماجي اڳواڻن   يوسي جي وارڊ 2 مان ڪائونسلر جي اميدوار ذوالقرنين دل دين محمد دل حفيظ دل واحد  بخش دل منظور دل ۽ حسين دل جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺ جي رهواسين سخت نعريبازي ڪندي چيو ته برساتن کي ته هفتو ٿي ويو آهي پر اسان جي ڳوٺ مان اڃا تائين  برساتي پاڻي ناهي نيڪال ٿي سگهيو.برساتي پاڻي جي بيهي وڃڻ اسان جي ڪري گهرن جون  ديوارون پڻ ڪرڻ جو خطرو آهي برساتي پاڻي سبب ھتان جي ڳوٺاڻن کي سخت ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سمجهون ٿا اسان کي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بنايو پيو وڃي برساتي پاڻي سبب معصوم شاگردن کي اسڪول وڃڻ ۾ تمام گهڻي تڪليفون اچي رهيون آهن. مظاهري ۾ مجاهد دل خدابخش دل اسد دل ۽ ٻين پڻ  شرڪت ڪئي