تلهار(ن پ ا) روينيو کاتي تلهار جي مبينه ناانصافين ۽ سڙيل رڪارڊ جي نئين لکت نه ٿيڻ خلاف پنهنجي اخبار ۾ خبر لڳڻ تي کاتي جي آفيسرن م ٿرٿلو مچي ويو.اسسٽنٽ ڪمشنر وجاهت غفور  ۽ مختيار ڪار جواد   پاٽولي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته تلهار تعلقي جي چئن ديهن سعيدپور، ديھه ٻھرو، ديهھ داٻگرو ۽ ديھه رهيجي جو رڪارڊ اڳوڻي مختيار ڪار جي گھر کي باهه لڳڻ سبب سڙي ويو هو ان تي اسان ٽن ديهن جو رڪارڊ بورڊ جي ميٽنگ بعد محرم کان پوء حيدرآباد مڪمل ڪري جمع ڪرائينداسين، باقي ديھه سعيدپور جو رڪارڊ اسڪين ٿي چڪو آھي. ان تي ڪجھ آفيس جا اعتراضات آھن انهن کي پڻ جلد حل ڪيو ويندو ماڻھون پنهنجا مسئلا اسان تائين گهٽ ٿا پهچائين پهرين هيٺين کان ڪم ڪرائڻ جون ڪوششون ٿا ڪن جڏھن معاملا وڌن ٿا ته پوء ٿا دانهون ڪن. روينيو کاتي واقعي ڪرپشن جو عنصر وڌيڪ آھي. پنهنجي اخبار معرفت اسان سمورن کاتيدارن کي ٻڌايون ٿا ته ڪنهن جو به مسئلو هجي ان لاء اسانجي آفيس جا در کليل آھن ۽ رهندا.