ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن حاجي عبدالجبار ساريو، شھزادو ساريو، غوث بخش بروھي جي اڳواڻي ۾ چنا پل چونڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته دادو ڪئنال جي ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي پاڻي جي سخت کوٽ سبب  سارين جي فصل جو ٻيجارو پوکجي ناهي سگهيو. ايريگيشن وارا پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن پر اسان آبادگارن کي پاڻي ڏيڻ کان لوائن ٿا هنن گهر ڪئي آهي ته جلد کان جلد ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي پاڻي ڏيئي هزارين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيڻ کان بچائي وڃي ۽ اسان کي ڦاڪا ڪشي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.