حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پريٽ آباد جي رهواسي سعيد احمد قريشي دڪانن تي قبضي ۽ ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ طارق علي شاهه پوليس اهلڪار جي ناانصافين خلاف پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو. ان موقعي تي  سعيد احمد قريشي الزام هنيو ته بااثر دڪانن تي غيرقانوني طور قبضو ڪيو آهي،پريم نگر ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پوليس اهلڪار ۽ بااثر ماڻھن جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سيد طارق علي شاهه ۽ ٻين چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اهلڪار   ۽ سندس دوست  سندن ھوٽل ۽ گھر تي حملو ڪري سندن نوجوان ساجد شاهه کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ چڙهائي دوران هنن عورتن کي پڻ هراسان ڪيو. ٻي طرف  هوسڙي جي رهواسي انور ملاح علائقي ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي خلاف ٽيئن ڏينهن به احتجاج جاري رکيو.