لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد ( نمائندن وٽان ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحاني فيس جي اوڳاڙي خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پنجين ڏينهن به مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا. پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن نياز حسين، برڪت ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وي آءِ پي روڊ تي ڌرڻو هنيو. ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن اسڪول ٻاهران ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. گرلس انگلش ماڊل هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردياڻين اسڪول اندر ڌرڻو هنيو. لٽل فوڪس اسڪول جي شاگردياڻين پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻو بورڊ انتظاميا امتحاني فيس جي مد ۾ نائين جماعت جي شاگردن کان 1100 ۽ ٻارهين جماعت جي شاگردن کان 2600 روپيه فيس اوڳاڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري شاگردن، شاگردياڻين توڙي والدين کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.  شاگردن ۽ شاگردياڻين گهر ڪئي ته امتحاني فيس اوڳاڙي وارو فيصلو واپس وٺي بيچيني ختم ڪئي وڃي. جيڪب آباد ۾ بوائز هاءِ اسڪول ڀلي ڏنو آباد ۾ فرنيچر جي کوٽ ۽ لاڙڪاڻو بورڊ طرفان نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين درجي شاگردن کان انرولمينٽ ۽ امتحانن جي فيس وٺڻ خلاف شاگردن دانهيندي چيو ته فرنيچر ناهي پٽ تي ويهي پڙهڻو پئجي رهيو آهي، هاڻي ته بورڊ پاران به ڳريون فيسون ورتيون پيون.