لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) زيبسٽ لاڙڪاڻو جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ثقافت، سياحت ۽ آرڪائيوز کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل  لائبريريز جي سهڪار سان سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾ 12 هون سافٽ ويئر اينڊ هارڊ ويئر نمائش لڳائي وئي.  شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سج جي روشنيءَ سان چرچر ڪندڙ سولر پليٽ، ٻاهرين آواز جي سڃاڻپ رکندڙ مشين، سوئي گيس جي ليڪيج لاءِ الارمنگ ڊوائيس، وڻن ۽ ٻوٽن کي پاڻي يا ڀاڻ ڏيڻ لاءِ ڊرون، ٻوٽن ۽ وڻن کي وائرس کان بچائڻ ۽ وائرس جي نشاندهي ڪندڙ مشين، عورتن جي تحفظ لاءِ الارمنگ مشين، خراب ٿيل سبزي ۽ فروٽن کي تازو ڪرڻ بابت ٻيا مختلف پراجيڪٽس نمائش لاءِ رکيا ويا.  نمائش ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي ٺاهيل پراجيڪٽس بابت آگاهي پڻ ڏني. ان موقعي تي پراجيڪٽس ٺاهيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جديد دور مطابق عام ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪارآمد پراجيڪٽس پيش ڪيا آهن انهن کي جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ لانچ ڪيو ويندو ته ان سان ڪافي مسئلا حل ٿيندا.