مري (م ڊ) مري سانحي جي جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ته برف هٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ 29 مان 20  گاڏيون هڪ ئي هنڌ بيٺل هيون. ذريعن موجب برف هٽائيندڙ 29 گاڏين مان 20 هڪ ئي جاءِ تي بيٺل هيون، گاڏين کي هلائڻ لاءِ مقرر ڊرائيور، عملو به ڊيوٽي تي موجود نه هو. جاچ ڪاميٽي مري ۾ آپريشنل عملي جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن ۽ ان حوالي سان ٻيلي کاتي جا اهلڪار ڪاميٽي کي تسلي جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، جاچ موجب ضلعي انتظاميا مري جي داخلي رستن ۽ روڊن کان تقريبن 50 هزار گاڏيون واپس موڪليون. ٻي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مري سانحي ۾ حڪومتي ادارن جي غفلت تي جاچ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سياحت بابت سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، راولپنڊي جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، چيف ٽريفڪ آفيسر ۽ ريجنل پوليس آفيسرن کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. مري جي هوٽل مالڪن جي تنظيم کي به 19 جنوري جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.