ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جونا مارڪيٽ ۾ ترڪ مسجد جي تعمير خلاف داخل ڪيل درخواست  تي ڪراچي جي ڪمشنر، مسجد انتظاميه ۽ ٻين ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت مسجد جون تصويرون ڏسي مسجد انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مسجد الله  تعاليٰ جو گهر آهي، انهي جو گندو وضو خانو مسجد جي بي حرمتي آهي، عدالت پڇيو ته مسجد عبادت لاءِ ٺاهي آهي يا ماڻهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ ٺاهي آهي؟ ان موقعي تي مسجد انتظاميه عدالت کي ٻڌايو ته ترڪ مسجد 160 سال اڳ تعمير ٿي هئي جنهن تي عدالت پڇيو ته ڇا محمد بن قاسم آيو هو،  ان وقت مسجد تعمير ڪئي وئي هئي؟. ان موقعي تي درخواستگذار چيو ته مسجد جو ڪجهه حصو غير قانوني طور تي تعمير ڪيو ويو آهي، عدالت پڇيو ته ڇا مسجد اوقاف کاتي ۾ رجسٽرڊ آهي؟ جنهن تي مسجد ڪاميٽي جي ميمبر چيو ته مسجد اوقاف کاتي وٽ  رجسٽرڊ آهي، عدالت پڇيو ته گهٽي ۾ اڏاوت ڪيئن ڪئي؟ ان بابت ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب جمع ڪرايو.