مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي مرڪزي امام بارگاهه محلي ۾ پيڪن جي گهر گهمڻ آيل نوجوان ناري ناديا زال ڪاشف شيخ مڙس سان پئسن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيڻ بعد ڇري سان پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا، وارثن جو چوڻ هوته ناديا جي رتوديرو ۾ شادي ٿيل آهي، جيڪا پنهنجي مڙس سميت پيڪين گهمڻ آيل هئي ته زال مڙس ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تان ناري ڇري سان پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، ناري کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي نيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.