کورواھ (ن پ ا) کورواھ ڀرسان چڪ نمبر 5 ۾ شادي شده عورت 19 سالن جي شريمتي دالو زال رامچند ڪولھي پنهنجي گھر اندر ڳچيءَ ۾ ڦاھو وجھي خودڪشي ڪري ڇڏي. اهڙي اطلاع تي کورواھ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي تحويل ۾ ورتو. کورواهه پوليس موجب وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، ان حوالي سان وارثن کان لکت ۾ بيان پڻ ورتو ويو آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته خودڪشي جو ڪارڻ گھريلو اڻبڻت ھو.