ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ آغا عزيزالله بجاراڻي ۾ بجلي جي تار مان باھ لڳڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي سميت سڙي ويو، پلال سان ڀريل ٽريڪٽر کي يارنهن هزار بجلي جي تارن هيٺان گذرڻ دوران باھ لڳي وئي، غوثپور واسي عبدالڪريم اوڳاهي جو ٽريڪٽر ڪرمپور مان پلال کڻي وڃي رهيو هو ته باھ لڳي وئي. ڳوٺاڻن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، ڏسندي ڏسندي ٽريڪٽر ٽرالي سميت سڙي ويو، ٽريڪٽر مالڪ جا مٿي تي هٿ اچي ويا