سرحد (ن پ ا) ڪراچي پوليس ناري شڪيلان کي گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ناري شڪيلان عدالت ۾ بيان ڏنو ته منير مهر سان پسند جي شادي ڪئي آهي، ان سان ئي گڏ رهڻ چاهيان ٿي، عدالت سڳوري پوليس کي ناري شڪيلان کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪراچي ۾ ناري شڪيلان جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي، پوليس ڪارروائي ڪري ناري کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو هو.