ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ تعليم کاتي جي اختيارين ڪراچي جا بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ 119 استادن جون بدليون ڪري ڇڏيون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز موجب ملير جي 26، ڪورنگي جي 19، اوڀر ضلعي جي 11، اولهه ضلعي جي 20، ڏکڻ جي 15 ۽ سينٽرل جي 28 استادن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ استادن کي فعال اسڪولن مان بدلي ڪيو ويو آهي.