مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو) مدئجي شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، اڪثر علائقن ۾ نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل، شهري پريشان، خبر موجب ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. شهر جي مک علائقن سکر لاڙڪاڻو روڊ، اسٽيشن روڊ، ناڪا محلو، علي حيدر شاهه محلو ۽ ميراڻِي محلي سميت مختلف محلن ۾ نالين جو گندو پاڻي بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن ڪري اتان گزرندڙ ماڻهن کي سخت ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ شهرين ذوالفقارابڙو، تنويرابڙو، اعجازمٺاڻي، فرمان ميمڻ، غلام قادرسولنگي ۽ ٻين چيو ته ڊرينيج سسٽم ناڪاره هجڻ سبب نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، هنن چيو ته شهر اندر صفائي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي، ٽائون ڪا۾يٽي ۾ مقرر ڪيل عملو رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هنن چيو ته ٽائون انتظاميا وٽ بار بار دانهڻ باوجود ڪو به نوٽيس نه پيو ورتو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي ڊرينيج سسٽم درست ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.