محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا، جڏهن ته نالين جو گندو پاڻي گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، ان حوالي سان شهر جي رهواسين عابد علي، منظور ڀٽو، سليم ڏھراج ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صفائي ڪندڙ ملازمن پگھارون نه ملڻ ڪري صفائي ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي، جنھن سبب شهر گندگي جي ورچڙهي ويو آهي، پر انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن مطالبو ڪيو ته شهري ۾ صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.