ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ۾ قائم سبزي منڊي انتظاميا جي لاپرواهي سبب ڪيترين مهينن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف پاڙن نئون تڪ آنسي چوڪ دستگير ڪالوني، ابڙا ڪالوني، چارڻ محلا، الشهباز ڪالوني، ريشم گلي، گوشت مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، صفائي سٿرائي جو ناقص انتظام هجڻ سبب شهر ۾ گيسٽرو، مليريا توڙي ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ان حوالي سان شهرين ظهور ٻٻر، ڪاشف سيال، منير عباسي، عالم بالادي، ايم ايم عباسي، قاسم سهتو، فرحان سومرو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، شڪايتن باوجود انتظاميا صفائي ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.