ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي ) ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو بدانتظاميءَ جي ور چڙهي وئي، سڄو شهر گندگي جي ڍير ۾ تبديل ويو، شهر جي روڊن رستن توڙي گهٽين ۾ گٽرن جي بدبودار پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهي ويا. رپورٽ موجب ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي 80 ملازمن باوجود انتظاميا جي نااهلي ۽ بدانتظاميءَ جي ڪري سڄي شهر جي روڊن رستن، گهٽين ۽ چوڪن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن. معلوم ٿيو آهي ته ٽائون ملازمن ۾ 50 کان وڌيڪ صفائي واري عملي جا ملازم ۽ 27 بيلدار هئڻ جي باوجود شھر جي هر روڊ تي گٽرن جو پاڻي اٿلڻ سبب مکيه سرڪل روڊ سميت ڪيترن ئي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ گٽرن جو پاڻي اٿلڻ ڪري اڪثر علائقا ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. شھر جي شاهي بازار پڻ هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا گٽرن جي پاڻي سان ڀرجي وڃي ٿي، جنھن ڪري واپاري ۽ ڪاروباري طبقو پڻ مستقل پريشانيءَ جي ور چڙهيل رهي ٿو. شاهي بازار جي دڪاندارن ۽ واپاري اڳواڻن ارشاد علي خواجه، تارا چند لوهاڻا، محبوب علي، ابراهيم ميمڻ ۽ ٻين ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي ايڊمنسٽريٽر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کان گهر ڪئي آهي ته صفائيءَ واري عملي کي ڊيوٽين جو پاپند ڪري شهر مان گندگيءَ جو آزار ختم ڪرايو وڃي.