ڪراچي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪن حڪومت طرفان لڳايل هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس خلاف ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن جي سڏ تي هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ميڊيڪل اسٽور ايسوسئيشن پاران دوائن جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ۽ حڪومت پاران ايڊوانس انوائس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ٽوڪن هڙتال ڪري ٻن ڪلاڪن لاءِ ميڊيڪل اسٽورن جي تالا بندي ڪئي وئي ۽ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اسٽيشن روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن جي صدر گورڌن داس لوهاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن پٿورو ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن جي سڏ تي غلام نبي شاهه، شادي پلي ۽ پٿورو ۾ ميڊيڪل اسٽور بند ڪري ڇگن لال مالھي، منوج ڪمار، راٺي چنديرام کتري، مگھا رام کتري، مڪيش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٻئي طرف ٽنڊوجان محمد ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪن شھزاد آرائين، نندلال مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هوڏانهن ڊگهڙي ۾ حاجي نثار احمد آرائين، طاهر عزيز قائمخاني، پريم ڪمار مهيشوري، حاجي احمد علي، دليپ ڪيلا، ڀورا لال مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب ڊگهڙي تائين ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف ڇور شھر ۾ سٽر بند ھڙتال ڪري حافظ مير محمد، اصغر علي نھڙي، خالد حسين، زاھد، دسرت سنگهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن جهڏو ۾ اسٽور مالڪن شٽربند هڙتال ڪري عبدالعزيز ميمڻ، مبين قائم خاني، سڪندر ميمڻ، اعجاز قائم خاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف نئون ڪوٽ ۾ ميڪن ڪمار، سورج ڪمار، رميش ڪمار، سسپال، مشاهد نهڙي، جاويد رحمان بچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن ڪنري ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي ھڙتال ڪري مهاديو، سترام، شمڀو مل مالهي جي اڳواڻي ۾ ميڊيڪل اسٽورز گلي کان ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو. ٻئي طرف عمرڪوٽ ۾ ننديرام مالھي، مھندر ڪمار، سيٺ سنجئه ڪمار ۽ ڪنور پراڳاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هوڏانهن شاهپورچاڪر ۾ اسٽور مالڪن پاران شٽر بند هڙتال ڪري محمد علي پلهه، سنتوش ڪمار، خليل احمد رخشاڻي ۽ عبدالرحيم ڏاهري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف ٺري ميرواھ ۾ جاڳڻ مل ،گوهر مل، اميش واڌواڻي حنيف ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن اوٻاوڙو ۾ ميڊيڪل اسٽور بند ڪري ھڙتال ڪئي وئي، ڌرم داس چاولا، عبدالرزاق نھڙ، زاھد حسين جماڻي، بسنت لال جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف اسلام ڪوٽ ۾ دوائن تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف واپارين پاران ميڊيڪل اسٽور بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. هوڏانهن گهوٽڪي ۾وجي ڪمار موٽواڻي، مرالي لال، راڻا رياض، دليپ ڪمار، سچانند جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف خانپورمهر ۾ پاڪستان ڪيمسٽ اينڊ ڊرگسٽ ايسوسيئيشن پاران لڇمڻ داس، جئه پرڪاش، سري چند لال، وشن داس جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن اڳواڻن دوائن تي وڌايل ناجائز ٽيڪس ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.