جمال شاهه (ن پ ا)جمال شاهه ڀرسان ڳوٺ رحمت الله گھلو ۾ زاھد حسين گھلو جو 4 سالن جو معصوم پٽ عبدالوهاب پراسرار بيماري سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته فوت ٿيل ٻار جي والد زاھد حسين گھلو ٻڌايو ته منھنجي پٽ اوچتو ھلڪي بخار اچڻ بعد الٽي ۽ نڪ مان گھاٽو پاڻياٺ نڪرڻ بعد ساهه کي سوڙهه ٿيڻ بعد ڪاري رنگ جي الٽي ڪئي، جنھن تي نينگر جو سڄو جسم ڪارو ٿيڻ بعد (رجھي) ڳري ويو ۽ ھو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڳوٺ جا ٻيا ٻار پڻ بخار ۾ مبتلا ٿيڻ بعد سندن والدين پريشان آهن، ھنن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي اسان جي ڳوٺ جي ٻارڙن جو علاج ڪيو وڃي، ياد رھي ھفتو اڳ ساڳي ڳوٺ ارڙي جي بيماري وگھي 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا هئا.