ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب نينگر فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چمبڙ بائي پاس روڊ پتافي پمپ ويجھو ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ شهر جي دينو ڪالوني جو رهواسي 14 سالا اعجاز ولد اسحاق ڪمبوه موقعي تي فوت ٿي ويو بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو بي سيڪشن پوليس ڊمپر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن تہ ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.