حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدر آباد ۽ ڀرپاسي 2 ڄڻا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ ھوسڙي ڀرسان ڳوٺ جان محمد رند ۾ 25 ورھين جو نوجوان غلام قادر کٽياڻ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته هو پنهنجي گھر جي ڇت تي مٽي جو راڳو ڪري رھيو ھو ته گھر جي ڇت مٿان گذرندڙ يارھن ھزار وولٽيج جي بجلي جي تارن مان کيس ڪرنٽ لڳو جنهن جي ڪري هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هنن رستي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن به سندس موت جي تصديق ڪئي. نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻئي پاسي تعلقي حيدرآباد جي علائقي ۾ مبينا طور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو, پٻڻ پوليس جو چوڻ آهي ته جمالي ڪالوني جو رهواسي 9 ورهين جو طارق پٽ صاحب کوسو کي گهر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن دوران هو فوت ٿيو.