هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا ٿاڻي جي حد رسول آباد قومي شاهراھ تي اٽڪ پيٽرول پمپ سامهون تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، ڳوٺ الهورايو جروار واسي آصف علي جروار ۽ غلام اڪبر لاشاري واسي عمران علي ڪورائي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، پوليس ٻئي لاش هنڱورجا اسپتال آندا، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا هنڱورجا پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور رفيع الله پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، نوجوان آصف علي جروار جو لاش رسول آباد جي ڳوٺ الهواريو جروار ۾ سندس گھر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.