نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ايئر پورٽ ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نديم عرف ڊاکو پٽ رمضان ملڪ پستول سميت زخمي حالت ۾ گرفتار، پوليس گشت ڪري رهي هئي ته حملو ڪيو ويو مقابلي بعد نديم عرف ڊاکو کي پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آھن ايس ايچ او ايئر پورٽ اويس مڱريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نديم عرف ڊاکو ملڪ تي ايئرپورٽ ٿاڻي، اي سيڪشن ٿاڻي ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي 17 ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ نامي گرامي ڏوھاري آھي. جڏھن ته مقابلي دوران ٻه ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري کي قاضي احمد موڙ وٽان گرفتار ڪري جعلي مقابلو ڄاڻائي ھاف فراءِ ڪيو ويو آهي.