حيدرآباد: پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري قرت العين جي مڙس عمر ميمڻ ابتدائي طور بيان ڏنو آهي ته اربع ۽ خميس جي وچ واري رات سندس زال سان جهيڙو ٿيو جنهن دوران تشدد ۾ سندس زال زمين تي ڪري پئي هن کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو هو جتان ڪافي رت به وهندو رهيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جنوني مڙس عمر ميمڻ آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ جو پٽ آهي جڏهن ته ناري جو والد ڊي ايف او آهي. قرت العين گريجوئٽ هئي. کيس 2 پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي. پوليس سندس لاش پوسٽ مارٽم بعد ڀاءُ اسد الله بليدي حوالي ڪيو جيڪو حسين آباد کڻائي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.