محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو ۾ ڳوٺاڻن برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ظفر علي، نعمت الله، جڙيل، رشيد، عبداللطيف، قادربخش ۽ ٻين چيو ته ٻارن سميت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون پر ڪو به واھر ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان جي گھرن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، جنهن ڪري روزانو گهر ڪري رهيا آهن، ھنن چيو ته  مختيارڪار ڪنڊيارو سان ملاقات ڪري صورتحال کان آگاھ ڪيو پر هن واھر ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته راشن ۽ خيما اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايم پي اي وٽ آھن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڪڍرائي واهر ڪئي وڃي،