فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد لڳ ڳوٺ وڏي بيتل سيدپور ۽ ٻين ڳوٺن جي سپريو بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرن ضمير خاصخيلي، سجاد چانڍيو، منظور بروهي، ممتاز بروهي، وحيد بروهي، نثار چانڍيو، سلطان چانڍيو، عرفان چانڍيو، عبدالله خاصخيلي، مختيار خاصخيلي، محرم بروهي معشوق بروهي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته سپريو بند تي کليل آسمان هيٺ ويھندي 2 مھينا ٿيڻ وارا آهن، ان سان گڏ ميھڙ، فريدآباد،وارھ سميت ٻين شھرن سان زميني رستا به ڪٽيل آهن، پيئڻ جي پاڻي، کاڌخوراڪ، علاج جي سهولت کان محروم آهيون، سرڪار اسان متاثرن جي ڪاسار لھڻ  لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.