مدئجي (ن پ ا ) مدئجي تعلقي اسپتال ۾علاج جون سهولتون اڻلڀ آهن،  مريضن رياض پنهور، ابراهيم شيخ، امجد حسين، زاهد حسين چيو ته ڏورانهن علائقن کان علاج لاءِ آيا آهيون، اسپتال ۾ نه ڪو ڊاڪٽر موجود آهي نه ئي دوائون ڏنيون پيون وڃن.ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي، اسپتال مان خالي سرنج به نه ٿي ملي،گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، غريب آهيون پرائيويٽ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، نوٽيس وٺي علاج جون سهولتون مهيا ڪيو.