محبت جي ڳولا اڃا هاڻ شروع ڪئي آهي:ملائڪا اروڙا

0
256
محبت جي ڳولا اڃا

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪارا ملائڪا اروڙا چيو آهي ته مون محبت جي ڳولا اڃا هاڻ شروع ڪئي آهي، ملائڪا انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪندي سندس عمر تي تبصرو ڪندڙ واهپيدارن کي جواب ڏنو

اداڪارا اسٽوري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 40 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي محبت جي ڳولا ڪرڻ معمول بڻايو، 30 ورهين جي عمر ۾ نوان خواب ڏسو ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ به عام ڪريو

هن چيو ته 50 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي ذات کي ڳولڻ ۽ پنهن جي زندگي جو مقصد حاصل ڪرڻ به سڀني لاءِ عام بڻايو، 25 ورهين جي عمر ۾ زندگي ختم ناهي ٿي ويندي تنهنڪري ائين سوچڻ بند ڪريو